صحت جي عالمي ضابطن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا

image

تبسم گل (خصوصي فيچر)

اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي صحت سڌاراجاتي ايجنڊا ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد سان عالمي ضابطن موجب صحت جو مضبوط نظام تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. قومي سطح تي نگراني ۽ وقت سر قدمن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ سموريون ڌريون گهربل صلاحيت ۾ اضافي جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. ان مقصد جي لاءِ پبلڪ هيلٿ ليبارٽريز نيٽ ورڪ، ريسپانس اينڊ ليگل فريم ورڪ ۽ انٽگريٽيڊ ڊيزيز سرويلينس جي لاءِ هڪ اسٽريجڪ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي. ان شعبي ۾ موثر سڌارن جي لاءِ وفاقي حڪومت هڪ قومي ايڪشن پلان 23 – 2019ع تيار ڪيو آهي. اهڙي طرح صحت جي صوبائي کاتن نيشنل هيلٿ ويزن موجب صحت جي شعبي جي لاءِ پنهنجي حڪمت عملي کي پڻ حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. حڪومت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڊيزيز سرويلينس اينڊ ريسپانس جي لاءِ ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۽ ڪوآرڊينيشن يونٽس پڻ قائم ڪيا آهن. اهڙي طرح ون هيلٿ جي نقطه نظر تي قومي ۽ صوبائي فوڪل پوائنٽس پڻ جوڙيا ويا آهن جڏهن ته صحت بابت قومي ٽاسڪ فورس پڻ جوڙي وئي آهي جيڪا صحت جي نظام جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اهم ترجيحن ۽ افعال جو باقاعدگي سان جائزو وٺي رهي آهي. وزيراعظم جي نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ هر شهري جي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل جي لاءِ يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن.

هن چيو ته صحت ڪارڊ تحت يونيورسل هيلٿ ڪوريج صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ انقلاب آڻيندي. هن ان کي مديني جي رياست جي اصولن تحت فلاحي رياست طرف هڪ وڏو قدم قرار ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران متعارف ڪرايل صحت سڌارن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرائيندي صحت جي نظام جي معيار کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. حڪومت صحت جي نظام ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ڪندي ته جيئن سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي بيمارين کان تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم جي خاص معاون چيو ته حڪومت پنهنجي شهرين کي اڳ ۾ ئي مفت طبي خدمتون فراهم ڪري چڪي آهي ۽ صحت جي شعبي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سڌاراجاتي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته قومي صحت واري وزارت ملڪ ۾ صحت سڌاراجاتي ايجنڊا ۾ تعاون جي لاءِ بينيفٽ پئڪيج آف پاڪستان پراجيڪٽ تي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. شروعاتي طور تي هر صوبي جي ٻن ضلعن ۽ هر ريجن جي هڪ علائقي ۾ اهو بينيفٽ پئڪيج شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (آءِ سي ٽي) جي لاءِ اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ماڊل ڊسٽرڪٽ جي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پهريون ڀيرو صحت جي حڪمت عملي تيار ۽ منظور ڪئي آهي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) جي جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منهاج السراج چيو ته اسپتال انتظاميا وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي صحت سڌاراجاتي ايجنڊا تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف جديد منصوبا شروع ڪيا آهن.

هن چيو ته معياري صحت جي سارسنڀال جي نظام جو مقصد سرڪاري شعبي جي اسپتالن ۾ شهرين کي بهتر طبي سهولتون ڏيڻ آهي. پمز جا فرنٽ لائين ورڪرز ڪورونا وائرس جي وبا دوران شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ ۾ اڳتي رهيا آهن. اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اسان جو عملو تعليم يافته ۽ تربيت يافته ۽ انهن وٽ سمورا گهربل وسيلا موجود هجن. هن ٻڌايو ته ڏهاڙي 10 هزار کان وڌيڪ مريض مختلف بيمارين جي علاج جي لاءِ پمز اچن ٿا. پمز تحت 6 اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن جن ۾ چلڊرن اسپتال، ڪارڊيڪ سينٽر، گائني ڊپارٽمينٽ ۽ نئون تعمير ٿيل ڊينٽسٽري سيڪشن شامل آهي. اسان پنهنجي ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ کي سائنسي بنيادن تي قائم ڪري چڪا آهيون. هنگامي ۽ معمول جي ڪيسز کي فوري منهن ڏيڻ جي لاءِ هيلٿ پروفيشنلز ۽ تربيت يافته نرسن تي ٻڌل ٽيم هر وقت موجود رهي ٿي.

هن چيو ته ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ ايمرجنسي مريضن جي لاءِ هڪ خاص طريقيڪار اختيار ڪيو ويو آهي. جنرل ايمرجنسي ۽ ڪارڊيڪ ايمرجنسي جي لاءِ پڻ هڪ طريقيڪار موجود آهي ۽ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي متحرڪ ڪردار سان اسپتال ۾ سهولتن کي بهتر بڻايو پيو وڃي. فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ جي ڊاڪٽر شريف استوري چيو ته بنيادي صحت جو مضبوط نظام عوام کي انهن جي ضرورتن موجب معياري طبي سهولتون فراهم ڪري سگهي ٿو، جيڪو انهن جو بنيادي حق آهي.

فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ اسپتال جي انتظاميا وفاقي گادي واري شهر ۾ پنهنجي ڊسپينسرين ۾ بهترين خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته صحت جي شعبي ۾ سڌارن تحت مختلف ڊسپنسرين کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي گادي واري شهر جا شهري انهن ڊسپينسرين تان مفت تشخيص ۽ علاج جي سهولتن کانسواءِ مفت ويڪسينيشن خدمتن مان فائدو کڻي رهيا آهن. ڊاڪٽر شريف استوري چيو ته وفاقي حڪومت جي هدايت تي شهرين کي صحت جي بهترين سهولتن جي فراهمي ۾ سرڪاري شعبي جون اسپتالون اهم ڪردار ادا رهيون آهن. اسان جي ڪوشش آهي ته حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا موجب ماڻهن کي يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن ٻڌايو ته صحت جي حوالي سان ڪيترين ئي ڏکيائين جي علاج جي لاءِ پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ ڏهاڙي 7 هزار مريض اچن ٿا. اسپتال تي مريضن جي وڏي بار جي باوجود انتطاميا مريضن کي بهتر علاج جي فراهمي جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. انصاف ڊاڪٽرز فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر خاور سلطان پاڪستاني عوام کي صحت جي بهترين سهولتن جي فراهمي جي لاءِ سڌاراجاتي ايجنڊا کي هڪ اهم قدم قرار ڏيندي چيو ته بهتر وسيلن جي دستيابي سان صحت جي نظام ۾ يقينن بهتري ايندي. اسان جو بنيادي مقصد نظام کي بهتر بڻائڻ هجڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت ملڪ جي عوام خاص طور تي غريب ۽ ضرورتمند ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ مثبت تبديليون آڻڻ جي حوالي سان پنهنجو واعدو پورو ڪندي.

مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس