وزيراعظم پاران تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ حڪومتي ڪارڪردگي بي مثال قرار

image
APP30-30 ISLAMABAD: May 30 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi addressing a press conference on performance of Ministry of Petroleum at PM Office. APP

اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ حڪومت جي پنج سالا ڪارڪردگي کي بي مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته گهريلو صارفين سميت هر صارف کي سستي ۽ وڏي مقدار ۾ گئس دستياب آهي، گذريل پنج سالن جي دوران گئس، تيل، ايل اين جي، ايل پي جي جي شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هو وزيراعظم آفيس ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي 5 سالا ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل به ساڻس گڏ هئا.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو