اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ آن لائين تعليم جو تناسب وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقيڪار گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي اعليٰ تعليم تائين آسان پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، تعليمي ادارا پنهنجي ??يزن تي نظرثاني ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ فڪري برتري حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ رفاهه انٽرنيسنل يونيورسٽي اسلام آباد بابت هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ رفاهه انٽرنيشنل يونيورسٽي جي ??ائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آر آئي يو اسد الله خان، رجسٽرار برگيڊيئر (ر) انجنيئر سليم احمد خان، فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. رفاهه انٽرنيسنل يونيورسٽي جي ??ائيس چانسلر صدر کي ملڪ ۾ تعليم جي ??روغ جي حوالي سان پنهنجي ??ونيورسٽين جي ڪاميابين ۽ ڪردار کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته يونيورسٽين کي چوٿين صنعتي انقلاب ۽ تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين جي گهرجن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي ??حاظ کان ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ڪاميابين کانسواءِ يونيورسٽين کي اخلاقي علم ۽ شاگردن جي ڪردارسازي تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر مختلف معذور شاگردن کي ٽيوشن فيس، هاسٽل ??يس ۽ يوٽيلٽي فيس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي ايڇ اي سي جي ??اليسي کي پڻ ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سان انهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ملندي. هن تعليم ۽ صنعت جي ??چ ۾ رابطن ۽ عالمي يونيورسٽين سان تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏن?? جيڪو معياري تعليم جي ??روغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر تعليم جي ??روغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.