اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ص??بن ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته هو سرسبز ۽ زرعي زمين جي استعمال ۾ تبديلي کي روڪڻ جي لا??ِ قانون سازي ۾ تيزي آڻي، ڪيڊسٽرل ميپنگ قبضن جي خاتمي ۽ لينڊ روينيو ۾ اضافي جي لا??ِ اهميت رکندڙ آهي، نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت تعمي??ات?? سرگرميون شروع ٿيڻ کان کانپوءِ هن وقت تائين روزگار جا اڍائي لک موقعا پيدا ٿيا آهن.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ موجوده ۽ نون منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي سرويئر جنرل آف پاڪستان ميجر جنرل شاهد پرويز بريفنگ ڏني جنهن تي وزيراعظم پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪيڊسٽرل ميپنگ هڪ مستند زميني رڪارڊ ڊيٽا بيس جي ترقي ۾ مددگار ٿابت ٿيندي، ان سان زمين جي حد بندي کي واضح طور تي سڃاڻڻ ۽ غير قانوني قبضن جي روڪٿام ۾ مدد ملندي جڏهن ته اها مستند ڊيٽابيس سان زمينن مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي وڌائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته سرسبز علائقن کي شهري منصوبن م جتي تبديل ڪيو پيو وڃي اتي زمين جي استعمال جي حوالي سان انهن تبديلين کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، انهن سمورن ص??بائي ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته هو زمين جي استعمال ۾ تبديلي کي روڪڻ جي لا??ِ قانونسازي ۾ تيزي آڻين،
وزيراعظم چيو ته ماحولياتي ۽ غذائي تحفظ جي لا??ِ سرسبز علائقن ۽ زرعي زمينن جو تحفظ ضروري آهي تنهن هوندي به قاعدن ۽ ضابطن تحت تعيم??ات?? منصوبن جي اجازت هوندي، نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته نقشه سازي جي پهرين مرحلي تحت پ??جا?? ۾ 90 سيڪڙو، خيبرپختونخوا ۾ 96 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 50 سيڪڙو ڊجيٽلائيزذيشن مڪمل ٿي چڪي آهي، سي ڊي اي چيئرمين اجلاس کي ٻڌايو ته ڪيڊسٽرل ميپنگ جي مدد سان سي ڊي اي قبضو ڪندڙن تي ڏنڊ لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ رقم غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي دوکي جو نشانو بڻجندڙ ماڻهن کي معاوضي جي طور تي ادائيگي ۾ استعمال ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، ملڪ امين اسلم شرڪت ڪئي.
پ??جا?? مان ميان محمود الرشيد، قومي اسيمبلي ميمبر آفتاب صديقي، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور ع??ي حيدر، ايف بي آر جو چيئرمين، سرويئر جنرل آف پاڪستان شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، پ??جا??، بلوچستان، سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد چمون ۽ ڪشمير جا چيف سيڪريٽريز ۽ خيبرپختونخوا جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وڊيول نڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ وزيراعظم راوي اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ لاهور تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي به صدارت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي انهن منصوبن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي ڇو ته اهي منصوبا ملڪ ۾ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لا??ِ انتهائي اهم آهن.