اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار کي جديد بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي، چپ مينوفيڪچرنگ جي لاءِ يونيورسٽي شاگردن کي پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون، ??يڪ??الاجي جي ميدان ۾ جديد ??يڪ??الاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي اڳتي وڌڻو پوندو، شاگردن کي جديد ۽ فني تعليم ڏئي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ??يڪ??الاجي (نسٽ) ۾ مائيڪرو ويو، اينٽينا اينڊ سرڪٽس بابت پهرين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) جاويد محمود بخاري، ڊاڪٽر حماد چيما، استادن، مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سائنسدانن ۽ ماهرن کانسواءِ شاگردن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته دنيا تي??ي سان ترقي ڪري رهي آهي، اسان کي جديد ??يڪ??الاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا سان گڏ هلڻو پوندو، پاڪستان ۾ چپ ڊيزائننگ تي ڪم ٿي رهيو آهي، ان جي مينوفيڪچرنگ طرف پڻ وڃڻو پوندو. هن چيو ته چپ ڊيزائننگ ۽ ان جي تي??ري ملڪ جي سيڪيورٽي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، سائبر جنگين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ دفاعي نظام مضبوط بڻائڻو پوندو، يونيورسٽين ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ رڳو 10 سيڪڙو شاگرد انٽر کان هايئر ايجوڪيشن طرف وڃن ٿا، اسان جون يونيورسٽيون جيڪو ڪجهه سيکاري رهيون آهن انهن جي مارڪيٽ ۾ کپت گهٽ آهي، ملڪي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، شاگردن کي جديد ۽ فني تعليم ڏئي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نوجوانن کي اعليٰ تعليم ڏيڻ ۽ هنرمند بڻائي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو، پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي جيڪو ايندڙ سالن ۾ سائنس ۽ ??يڪ??الاجي جي ميدان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بلند مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ليڊرشپ جو تمام اهم ڪردار آهي، ڪورونا جي حوالي سان پاڪستان بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي. صدر چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت منهنجي لاء?? خو??ي جو سبب آهي، دفاعي صنعت کي نسٽ جي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ ٻين يونيورسٽين کي پڻ ان عمل جو حصو بڻائڻ گهرجي. صدر چيو ته ليڊرشپ ايهڙي هجڻ گهرجي جيڪا اڳتي جو سوچي، پاڪستان ماضي ۾ ??يڪ??الاجي جي ميدان ۾ تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو پر هاڻي ان کي جديد ??يڪ??الاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. ڪانفرنس کي نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) جاويد محمود بخاري خطاب ڪندي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ??يڪ??الاجي ملڪ ۾ سائنس ۽ ??يڪ??الاجي جي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ صدر جي ويزن ۽ اميدن تي پورو لهندي. هن چيو ته نسٽ ان شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. ان موقعي تي صدر نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ملڪي ۽ غيرملڪي ماهرن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.