اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پاڪستان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي هُن پار نام نهاد ”لانچ پيڊز“ ۽ ”ٽرننگ“ ڪيمپن جي موجودگي بابت ڀارتي آرمي چيف جي ڪوڙن تبصرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ت?? ڀارتي جنرل جي بي بنياد الزامن ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه آهي ڇو ته اهو پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا جو هڪ حصو آهي جيڪو ڀارت ۾ بي جي پي ۽ آر ايس ايس ڳٺ جو?? جي ذريعي هلايو پيو وڃي. ڀارتي حڪومت پنهنجي ويڙهاڪ ۽ توسيع پسنداڻي ايجنڊا ”اکنڊڀارت“ جي گمراهه ڪن تصور تي عمل پيرا آهي، جيڪو علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهي، ترجمان چيو ته ڀارتي آرمي چيف هندستان جي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تان عالمي ڌيان هٽائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي جاري آهي. پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ت?? هو فوري طور تي والاريل ڪ??مي?? ۾ پنهنجا ظلم ۽ ستم کي روڪي ، ڪ??مي??ن تي ظلم ۽ ستم کي ترڪ ڪري ۽ کين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تحت ۽ ان جي ڪيل واعدن موجب حق خوداراديت کي استعمال ڪرڻ جو حق ڏي، ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪ??مي?? سميت سمورا حل طلب تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهين جي لاءِ پرعزم آهيون، ??نهن هوندي به اها ذميداري ڀارت تي آهي ت?? هو ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري.