اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفون تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن گذريل سال پنهنجي وچ ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي، وزير??عظ?? عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن پاران ڏنل ان بيان جي آجيان ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته حضور نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي اظهار آزادي جي راءِ نه پر مذهبي آزادي جي خلاف ورزي آهي، وزير??عظ?? چيو ته هو جنرل اسيمبلي کان پنهنجي خط??ب ۾ اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت ڦهلائڻ واري معاملي کي تسلسل سان اجاگر ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي سنگين اثرن جي حوالي سان دنيا کي آگاهه ڪندو رهيو آهي، وزير??عظ?? چيو ته روس سان گڏ پاڪستان جي ٻطرفا لاڳاپا ب??تري طرف گامزن آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، اقت??اد?? لاڳاپا ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد پڄاڻي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ، اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ افغانستان بابت معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو، وزير??عظ?? چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. هن چيو ته افغانستان کي انساني ۽ اقت??اد?? چئلينج درپيش آهن، ۽ افغانستان جي عوام کي ان مشڪل مرحلي تي عالمي برادري جي تعاون جي ضرورت آهي. وزير??عظ?? عمران خان افغان عوام جي سخت ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جا مالي اثاثا بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزير??عظ?? چيو ته هو روسي صدر جي پاڪستان دوري ۽ پاڻ به مناسب وقت تي روس جو دورو ڪرڻ جو منتظر آهي.