اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي تاريخي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائ??د، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني پڻ دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظ?? عمران خان ۽ روس جي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات هن دوري جو اهم ترين جز هوندو. وزيراعظ?? عمران خان ماسڪو ?? روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظ?? عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ملاقات ?? روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيراعظم جو دورو ر??س ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظ?? عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي.