اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر گهٻرائٽ جو شڪار آهي، فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ زرداري اسان جي ماڻهن ک?? خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهڙي لوٽاڪريسي کي عوام سختي سان رد ڪيو آهي، وزيراعظم عم??ان خان نه اڳ ۾ بليڪ ميل ٿيو هو ۽ نه هاڻي ٿيندو، وزيراعظم جا تازا جلسا ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته عوام ان تي مڪمل اعتماد ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ص??اف??ن سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ڪور ڪميٽي و??يراعظم عم??ان خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ڪور ڪميٽي ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال، خاص طور تي بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا، ان کانسواءِ اسان جي سياسي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته بي اعتمادي رٿ اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ وڌيڪ مضبوط ۽ منظم ٿي آهي. بي اعتمادي رٿ ستل شينهن ک?? اٿاري ڇڏيو آهي. اڄ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن عم??ان خان جي ڪال جا منتظر آهن. هن چيو ته عم??ان خان ۽ پي ٽي آءِ ڪڏهن بليڪ ميل ناهي ٿي، ٽن ڄڻن جي ٽولي جو اهو آخري حربو هوندو، اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته وزيراعظم عم??ان خان چوڌري شجاعت حسين ک?? پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، مسلم ليگ (ق) سدائين اسان سان تعاون ڪيو آهي. سڀئي اتحادي اسان سان گڏ رهندا، ??ڪو??ت، سياست ۽ مستقبل اسان وٽ آهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو ته ثابت ٿي ويو آهي ته ملڪ ۾ واحد وفاقي پارٽي تحريڪ انصاف آهي، عم??ان خان واحد وفاق جو اڳواڻ آهي، انهي جي ڪري مخالف ڌر جون ڪانپين ٽانگ رهيون آهن، مخالف ڌر اسان جو مقابلو ڪرڻ کان پهرين عوامي ريفرنڊم ڏسي وٺي، ماڻهو ڪٿي بيٺل آهن، فضل الرحمان، شهبازشريف ۽ زرداري ماڻهن ک?? خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام اهڙي طرح جي لوٽاڪريسي کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي جن ميمبرن ک?? آڇ ڪئي و??ي انهن پارٽي ۾ اچي اسان ک?? ٻڌايو، اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڪو??ت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته سڄي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند هئي، اڄ ملڪ ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بحال ٿي آهي، صحت ڪارڊ سان ماڻهن ک?? صحت جون سهولتون ميسر آيون آهن. تعميراتي شعبي ۾ ترقي ٿي آهي. تحريڪ انصاف رڪارڊ سڌارا ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن چيو ته اسان جو مقابلو انهن ماڻهن سان آهي جن جي دولت ٻاهرين ملڪ پيل آهي. آصف زرداري، نواز شريف ۽ ڪجهه ميڊيا مالڪن ک?? ڊپ آهي ته ڪٿي انهن جي ٻاهرين ملڪ دولت ضبط نه ٿي وڃي، اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان اڄ آزاد پرڏيهي پاليسي تي گامزن آهي. اڄ پاڪستان ک?? ڪير ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي و??يرن جي ڪانفرنس ٿيڻ وڃي رهي آهي، اسان جي خواهش آهي ته اهڙو شيڊول جوڙيون جو او آءِ سي اجلاس متاثر نه ٿئي. هن چيو ته وزيراعظم عم??ان خان قائداعظم جي رستي تي گامزن آهي، تحريڪ انصاف جي اوورسيز ڪنوينشن ۾ پوري دنيا کان پاڪستانين شرڪت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته شيخ رشيد صاحب اسان جو اتحادي آهي، ڪالهه هن پنهنجي بيان جي و??احت ڪري ڇڏي آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته مسلم ليگ (ق) سدائين اسان سان تعاون ڪيو، پي ٽي آءِ ميمبرن جي خواهش آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو وڃي. اجلاس گهرائڻ جو فيصلو اسپيڪر کي ڪرڻو آهي چاهيون ٿا ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جو شيڊول او آءِ سي ڪانفرنس سان ٽڪراءُ ۾ نه هجي، انهن مشڪرن جي اها آخري راند آهي، اڳئين چال اسان هلنداسين، اطلاعات واري وفاقي و??ير ص??اف??ن جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪو اهڙو ميمبر نه آهي جيڪو ان موقعي تي عم??ان خان سان غداري ڪندو. اسان جي هڪ ميمبر کي 16 ڪروڙ ۽ هڪ کي 20 ڪروڙ روپين جي آفر ڪئي و??ي، هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪو به ناراض نه آهي، گلا شڪوه ٿيندي رهندي آهي، پر سڀ گڏ آهيون، توهان مخالف ڌر کي هٿ مهٽيندي ڏسندا.