اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سومر تي هتي اسلامتي ترقياتي بئنڪ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر ملاقات ڪئي جيڪو اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيل آهي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي ۽ قابل اعتماد حصيداري، توانائي، ماليات، مواصلات، تعلي?? ۽ ??حت جهڙن مختلف شعبن ۾ ان جي مدد جو اعتراف ڪيو، هن ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري ??اءِ پاڪستان سان تعاون کي به ساراهيو جنهن ??يڪسين کانسواءِ رهجي ويندڙ آبادي تائين پهچ لاءِ قومي ويڪسينيشن مهم ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو، ڊاڪٽر الجاسر وزيراعظم کي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پروگرامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن ۾ افغانستان هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ به شامل آهي جيڪوا فغان عوام جي ا??ساني ۽ معاشي ا??داد جي ضرورت جي پيش نظر 19 ڊسمبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ قائم ڪيو ويو هو، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي تمام گهڻي ا??ميت ڏي ٿو ۽ مسلسل تعاون ۽ لاڳاپا وڌائڻ جو منتظر آهي.