نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ جي ??ورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو. وزيراعظم نوشهره ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جو به دورو ڪيو. ان موق??ي تي وزيراعظم شهباز شريف کي نوشهره ۾ ٻوڏ جي ??ورتحال، ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف نوشهره ۾ مردان پل تي ٻوڏ جي ??ورتحال جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي ڪابل درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ ريسڪيو جي لاءِ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ ۽ فوري ريسڪيو جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. ان موق??ي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار ا??جن??ئر امير مقام پڻ موجود هئا.