اسلام آباد – 24 – آگسٽ (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان پن??نجي ملاقات کي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏين??ي چيو آهي ته اسان پن??نجي بهترين ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حيثيت جي اڳئين سطح تائين وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ قطر پاران 3 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪالهه اربع ڏينهن دوحه ۾ ديوانِ اميري ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ هنن پاڪستان قطر ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي س??ور?? شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.