اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فو?? جو ريسڪيو اينڊ رليف آپر??شن جاري، متاثر علائقن مان 50 هزار ماڻهن کي محف??ظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر مطابق ڪي پي ڪي لاءِ آرمي فلڊ ڪنٽرول هيلپ لائن 1125 ۽ ٻين علائقن لاءِ 1135 هيلپ لائن فعال آهي، شهري ڪنهن به مدد لاءِ ايمرجنسي نمبرن تي رابطو ڪري سگهن ٿا. پاڪ ف??ج جي 157 هيليڪاپٽرز 1087 ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو. آرمي ا??وي ا??شن ذريعي 72 ٽن امدادي سامان پهچايو ويو، جڏهن ته متاثر علائقن مان 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محف??ظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. مختلف ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو ۽ـ مفت دوائون فراهم ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ امدادي سامان جمع ڪرڻ لاءِ 221 رليف پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. انهن پوائنٽس تي 1231 ٽن امدادي شيون جنهن ۾ غذائي شيون ۽ دوائون شامل آهن جيڪي متاثر علائقن کي پهچايون پيون وڃن. ايف ڊبليو او نيشنل هاءِ وي ا??ارٽيز سان ملي ڪري قراقرم هاءِ وي ۽ جگلوٽ اسڪردو روڊ کي وقت سر بحال ڪيو. سنڌ ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپر??شن کي وڌائڻ لاءِ اضافي ا??جنيئر ۽ طبي عملو ڪراچي منتقل ٿي ويو آهي.