اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي سنگين چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وس??لا گهربل هوندا، پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل احترام، اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل لاڳاپن ۾ تعميري ۽ پائيدار رابطن جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان جي دوري تي ايل ڪانگريس وومن ش??لا جيڪسن لي جي قيادت ۾ آمريڪي وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڪانگريس مين ٿامس سوزي ۽ آل گرين شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي نازڪ صورتحال پاڪستان جي دوري کي ساراهيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1300 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون، زراعت، لائيو اسٽاڪ، ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو. هن چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير دوران سنگين چئلينجز درپيش هوندا جن جي لاءِ تمام گهڻا وس??لا ۽ عزم جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ عالمي برادري پاران مسلسل حمايت، يڪجهتي ۽ امداد اهم آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موجود لاڳاپن م بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري ۽ پائيدار ڳا??هه ٻو??هه جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪي گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل هجن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪاربن جي سڀ کان گهٽ اخراج واري ملڪن ۾ شامل هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. هن ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته ترقي يافته ملڪن کي پنهنجي آبهوا کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي جنهن ۾ اسرندڙ دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪر?? جي لاءِ اڳڪٿي موجب وسيلن جي فراهمي پڻ شامل آهي. وزيراعظم آمريڪا پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراهم ڪيل امداد کي ساراهيندي چيو ته ڪانگريس جي وفد جو پاڪستان جي دوري ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي پئماني جي حوالي سان عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ ۽ وڌ کان وڌ امداد کي متحرڪ ڪر?? ۾ مدد ڏيندو. واضح رهي ته ڪانگريس جو ٽي رڪني وفد 4 سيپٽمبر کان پاڪستان جي دوري تي آهي. وفد ان دوران سنڌ جو دورو ڪيو ته جيئن نقصانن ?? متاثرين جي تڪليفن جو جائزو وٺي سگهجي. وفد ان دوران اهم ڌرين سان ملاقاتون ڪيون ته جيئن متاثرين جي بحالي جي ڪوششن ۾ مدد جا طريقا ڳولي سگهجن. ڪانگريس وومين ش??لا جيڪسن لي ٻوڏ متاثرين خاص طور تي پنهنجي پيارن کان وڇڙي ويندڙن جي لاءِ گهري همدردي جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني قوم ان آفت کي عزم ۽ همت سان منهن ڏيندي. هن ان ڳا??هه کي ورجايو ته آمريڪي ڪانگريس ۽ انتظاميا ان وڏي چئلينج ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندي ?? متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪر?? ۽ نئين سر تعمير ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪندي.