اسلام آباد – 04 – آڪ??وب?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قدرن، امن ۽ خوشحالي ۽ ترقي جي مقصدن تي ٻڌل ي??رپ?? يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصيدار نه هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان و??يڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، اميد آهي ته عالمي برادري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ موثر شرڪت جي ذريعي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون تيز ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪرائسز مئنيجمينٽ بابت ي??رپ?? ڪمشنر جينز لينار ڪيچ سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري شديد ٻوڏ کانپوءِ ي??رپ?? يونين پاران امداد کي ساراهيو ۽ انهن کي ٻوڏ سان ??صل?? گهرن، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي ٿيندڙ نقصان ۽ 1600 کان و??يڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ بابت آگاهه ڪي??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ان جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان و??يڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ فعال شرڪت جي ذريعي ٻوڏ جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪندي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ وزيراعظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي قيام سميت حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪي??. فلڊ ريليف فنڊ ۾ ملڪي ۽ عالمي ذريعن سان عطيا جمع ڪرائي سگهجن ٿا. پاڪستان ۽ ي??رپ?? ملڪن جي اعليٰ سطح جي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون پنهنجي ٻطرفي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون رهنديون ته جيئن 2023ع کانپوءِ به جي ايس پي پلس اسڪيم مان فائدو کڻي سگهجي.