اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪو??ت اظهار راءِ جي آزا??ي ۽ صحافت جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي، صحافين جي ڀلائي لاءِ ه?? ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر اعظم چوڌري، سينيئر نائب صدر شاداب رياض، نائب صدر ظهير احمد بابر، سيڪريٽري عبدالمجيد ساجد، جوائنٽ ??يڪريٽري حسن تيمور جهڳڙا ۽ فنانس سيڪريٽري حافظ فيض احمد سميت گورننگ باڊي جي ميمبرن کي لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاع??ت واري وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته لاهور جي صحافي برادري آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اطلاع??ت واري وفاقي وزير لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.