اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??زيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ وڪي پيڊيا تان ??اب??دي فوري طور تي هٽائڻ جا حڪم ڏيندي آءِ ٽي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ 5 ر??ني ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڪميٽي ۾ قانون وارو وفاقي وزير، اطلاعات واري وزير، واپار وارو وزير ۽ مواصلات وارو وزير به شامل آهن. هن چيو ته آن لائين مواد کي اڃان ڏٺو ويندو.