اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اڀرندڙ ڊيجيٽل نشرياتي نظام بابت هڪ مذاڪري ۾ مقررين ان نظام جي ??هم ادارن جي وچ ۾ رابطي جي ??رورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ان کي اجتماعي طور تي فروغ ملي ۽ اهو مثبت ۽ تعميري انداز ۾ قوم جي ??هتر طور تي خدمت ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار FMs اسٽريم چينل ۽ OTT پليٽ فارمز جي نمائندن ان مذاڪري ۾ ڪيو جنهن جو اهتمام پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ريڊيو جي ??المي ڏينهن جي ??قريبن جي ??لسلي ۾ ريڊيو پاڪستان هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ڪيو. مختلف نجي ??يف ايم چينلز، اسٽريم چينلز ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي ??ربراهن، تعيلمي ماهرن ۽ صحت جي ??عبي جي ماهرن مذاڪري ۾ پنهنجي ??يالن جو اظهار ڪيو. انهن جو چوڻ هو ته پرائيويٽ ايف ايم چينلز ماڻهن کي وڌيڪ موثر انداز ۾ معلومات ۽ تفريح فراهم ڪرڻ ۾ ريڊيو پاڪستان وٽ موجوده پروگرامن ۽ معلومات جي قيمتي ذخيري مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ريڊيو پاڪستان ميڊيا جي ??عبي ۾ معياري انساني وسيلن جي ??خليق جي لاءِ تعليمي ادارن سان تعاون به ڪري سگهي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن وٽ اطلاعات ۽ معلومات جو قيمتي اثاثو موجود آهي ۽ ان جي ??ستيابي عام ڪرڻ جي لاءِ هڪ نظام جوڙيو پيو وڃي. هن ملڪ ۾ ريڊيو پاڪستان جي وسيع تر پهچ جو ذڪر ڪندي چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ??ي ذريعي ان قومي نشرياتي اداري جي نشرياتي اوزارن جو معيار بلند ڪيو پيو وڃي ته جيئن آواز جو معيار بهتر ٿي سگهي. ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل طاهر حسن ڳالهائيندي چيو ته ڊيجيٽل براڊ ڪاسٽنگ جي نئين رجحانن جي گهرج آهي ته لاڳاپيل ادارن ۾ رابطي کي فروغ ڏنو وڃي. هن سرڪاري نشرياتي اداري جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٿيندڙ قدمن کي اجاگر ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايف ايم 105 جي چيف ايگز??ڪي??ٽو آفيسر ذوالفقار علي شاهه چيو ته عوام جي وسيع تر مفاد جي لاءِ اسان ريڊيو پاڪستان سان تعاون جي لاءِ تيار آهيون. هڪ آءِ ٽي ڪمپني جي چيف ايگز??ڪي??ٽو آفيسر و??اج سراج چيو ته اڄ نشرياتي ميديا کي تخليق ۽ جدت جي ??والي سان ڪيترائي مسئلا درپيش آهن ۽ اسان جي ??يال ۾ روايتي طريقن کان هٽي ڪري ان جو حل ڳولڻ گهرجي. ريڊيو انجنيئرنگ ڪمپني جي ??ي اي او ڊاڪٽر جاويد هارون قريشي چيو ته ريڊيو پاڪستان موثر مواد جي ??خليق سان مالامال آهي ۽ اسان کي ان جي ??شاعت ڪرڻي. ڊپارٽمينٽ آف سوشل سائنسز نسٽ جي ڊين ڊاڪٽر سلميٰ صديق چيو ته نسٽ نوجوان نسل کي نشريات جي ??ربيت ڏيڻ جي لاءِ تربيتي اڪيڊمي قائم ڪرڻ جي لاءِ ريڊيو پاڪستان سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. آءِ ايم ڊي سي جي ??ي اي او ڊاڪٽر ياسر نياز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته انهن جو ادارو عوام ۾ صحت جي ??والي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ تعليم جي فروغ ۾ ريڊيو پاڪستان سان تعاون ڪندو. چائنا ميڊيا گروپ جي ??صور زمان چيو ته ريڊيو پاڪستان ۽ چائنا ريڊيو انٽرنيشنل ۾ حصيداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي فروغ ۽ عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ موثر ثابت ٿي رهي آهي. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي مان وڪيل خان چيو ته پيمرا ريڊيو جي ??نعت جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ عوام کي بهتر انداز ۾ تعليم ۽ تفريح فراهم ڪندو رهندو. مرڪزي تقريب ريڊيو پاڪستان اسلام آباد ۾ ٿي جنهن جي ميزباني ناليواري صحافي، تجزيه نگار ۽ ريڊيو پاڪستان جي ??ڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي ڪئي. اهڙي طرح جا مذاڪرا پي بي سي جي ??وبائي هيڊڪوارٽرز لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ گلگت ۾ پڻ ٿيا.