اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪم??شن تي دٻاءُ وجهي غيرآئيني طور ت?? اليڪشن جي تاريخ وٺڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، صدر عا??ف علوي جي وفاداري آئين سان هجڻ گهرجي. جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪم??شن آئيني ادارو آهي، عمران خان جي ٽائيگر فورس بڻجڻ نه ڏينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صدر عا??ف علوي آئين شڪني ڪئي ته آرٽيڪل 6 کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته صدر عا??ف علوي جي وفاداري آئين سان هجڻ گهرجي. هن چيو ته عا??ف علوي قومي اسيمبلي تحل??ل ڪري اڳ ۾ ئي بظاهر آئين شڪني ڪري چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي تشريح موجب صدر جو عهدو علامتي آهي، سپريم ڪورٽ موجب ڪنهن هڪ سياسي پارٽي سان ڳٺ جوڙ صدر جي منصب ۽ حلف جي خلاف ورزي آهي.