اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گهڙي چور پوليس کي ڏسندي ئي ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، پوليس جي وڃڻ کانپوءِ هو ٻاهر اچي ڀڀڪيو?? هڻي ٿو، هن شخص قانون ۽ آئين کي يرغمال بڻائي رکيو آ??ي، عمران خان ادارن جي خلاف زهر اوڳاڇي ۽ مهم جوئي ڪري ??و، ڪير پڇڻ وارو نه آ??ي، هن کي خبر آهي ته جنهن ڏينهن عدالت آڏو پيش ٿيو ته پڪڙيو ويندو. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آهي ته هڪ فارن فنڊيڊ ايجنٽ، گهڙيءَ چور پوليس کي ڏسندي ئي لڪي وڃي ٿو ۽ پوليس جي وڃڻ کانپوءِ هي پنهنجي ٻرِ کان ٻاهر نڪري ڀڀڪيو?? هڻي ٿو، هن شخص پاڪستان جي قانون ۽ آئين کي يرغمال بڻائي رکيو آ??ي، ان جي باوجود هي شخص عدل جي نظام جي اکين تي سوار آهي. هن چيو ته هن شخص کي خبر آهي ته جيترو وڌيڪ رڙيون ڪندو ايترو جلدي ان کي ريليف ملي ويندو. ان کي خبر آهي ته هي عدليه تي حملي آور ٿيندو، غنڊه گردي ڪندو، عدليه کي ڌمڪائيندو ته کيس ضم??نت ملي ويندي، هي شخص عدالت آڏو ان لاءِ پيش نه ٿو ٿئي ڇو ته ان کي خبر آهي ته هي گهڙيءَ چور ۽ فارن ايجنٽ آ??ي، هن پاڪستان جي عوام کي ڦريو ۽ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهيو آهي ۽ هي ڄاڻي ٿو ته جنهن ڏينهن هي عدالت آڏو پيش ٿي ويو ته پڪڙيو ويندو. هن چيو ته ان کي جڏهن پوليس پڪڙڻ اچي ٿي ته هي رڙيون ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، هي پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائ?? وٺي ٿو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته هن شخص بابت اهو ئي مثال آهي ته مون چوري ڪئي آهي ته منهنجو ڇا ڪري ??ٺندا، پوري جو پورو نظام ان جي هٿان مجبور آهي. هن چيو ته عمران خان ادارن جي خلاف غلاضت اوڳاڇي ٿو ۽ مهم جوئي ڪري ??و، عمران خان کي خبر آهي ته هو عدليه تي حملو ڪندو، ڌمڪيون ڏيندو ته ان کي بيل ملي ويندي. هن چيو ته عمران خان جيڪڏهن ڏوهه ناهي ڪيو ته عدالت ۾ پيش ٿئي پر اهو رڳو ٻرِ ۾ ويهي سگهي ٿو. هن چيو ته زمان پارڪ ۾ سمجهوتا ايڪسپريس روانگي جي لاءِ تيار آهي پر اهي سمجهوتي نه اين آر او جي لاءِ منٿون آهن، فارن ايجنٽ توشه خانه چور کي اين آر او گهرجي، ان کي ان وقت سوچڻ گهرجي ها جنهن وقت گهڙيءَ چوري ۽ توشه خانه ۾ ڌاڙو هڻي رهيو هو، پنهنجي ملازمن جي ذريعي ايجنٽ بڻجي فارن فنڊنگ ۽ مني لانڊرنگ ڪري رهيو هو.