اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊ?? جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي واري ويهڪ ۾ سڄي ملڪ ??ان آئين جي حوالي سان ڪرايل مباحثن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن پڻ خطاب ڪيو. قومي اسيمبلي ه??ل ۾ پڄاڻي واري ويهڪ جو خاص مهمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هو. ان پڄاڻي واري سيشن ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف درجن جي تعليمي ادارن ۾ ”منهنجو آئين منهنجي آزادي?? جو ضامن“ جي موضوع تي تقريري مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن پنهنجي خطاب تي ايوان ??ان خوب داد وصول ڪيو. سڀ ??ان وڌيڪ داد اسڪول جي سطح تي بين الڪلياتي مقابلن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ وحد ڪالوني اسڪ??ل لاهور جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي مريحه معروف پنهنجي تقرير تي شرڪت ڪندڙن ??ان ڀرپور داد وصول ڪيو. پڄاڻي واري سيشن ۾ محي الدين اسلامڪ يونيورسٽي ميرپور جي شاگرد شاگرد چوڌري عزيز جاويد، گرينچ يونيورسٽي جي شاگرد سيد وقار حيدر زيدي ۽ مردان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگرد اقدس سليم موٽيويشنل خطاب ڪيو.