اسلام آباد -09 مئي (اي پي پي)وزيراعظم جي گهرو ۽ قانوني معاملن واري خاص مددگار عطا تارڙ عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هو امن امان جي ??ورتحال کي خراب ڪرڻ کان پاسو ڪن ٻي صورت ۾ سختي سان منهن ڏنو ويندو، اڄ اربع تي عمران خان کي توشاخانه ڪيس ۾ به عدالت جي ??امهون پيش ڪيو ويندو جتي ان تي فرد جرم به لاڳو ٿيندو، عمران خان جي ڄنگهه سميت مڪمل ميڊيڪل ٿيندو، مريم نواز ج?? ٽرسٽ ڊيڊ کي مذاق بڻائيندڙ جي پنهنجي ٽرسٽ ڊيڊ گرفتاري جو سبب بڻجي وئي آهي، عمران خان سري عام 7 ارب روپين ??ي زمين وٺي 190 ملين پائونڊ کي وائيٽ مني ڪري پاڪستان جي ??اريخ جي ??ڀ کان وڏي ڪرپشن ڪئي. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته هي هن ملڪ جو سڀ کان وڏو ڪرپشن اسڪينڊل آهي، وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ هڪ صاحب هڪ بند لفافو کڻي اچي ٿو، بند لفافي تي ڪابينا جي منظوري ورتي وئي هئي، ان وقت جي ??حتساب بابت صلاحڪار کي ڪنهن اختيار ڏنو هو ته 190ملين پائونڊ کي هڙپ ڪيو وڃي، هن چيو ته نيب 190 ملين پائونڊ معاملي جو نوٽيس وٺندي پهرين مرحلي تي شڪايت جي ??صديق ٿي آهي ته ان کان پوءِ جاچ ٿيندي آهي بعد ۾ جاچ جو مرحلو اچي ٿو، جڏهن جاچ جو مرحلو آيو ته نيب طرفان طلبي جا نوٽيس موڪليا ويا، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي چيو ويو ته اوهان تي الزام آهي ته 190 ملين پائونڊ معاملي جي ڪابينا مان منظوري ورتي ۽ ان ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، هن چيو ته نيب کي خبر پوي ٿي ته بابر اعواڻ ۽ ذلفي بخاري طرفان ٽرسٽ قائم ڪيو ويو، ٽرسٽ هميشه عام مفادن لاءِ بڻايو ويندو آهي پر هتي 7 ارب جي ??مين ??حفي ۾ ٽرسٽ کي ڏني وڃي ٿي، ان ٽرسٽ ڊيڊ تي بابر اعواڻ ۽ ذلفي بخاري جي ??حيح آهي بعد ۾ ان ٽرسٽ ڊيڊ کي تبديل ڪري عمران احمد نيازي ۽ بشريٰ بي بي جي ??حيح ڪئي وئي، 458 ڪينال ايراضي القادر ٽرسٽ جي نالي رڪارڊ تي آهي، هن چيو ته القادر ٽرسٽ عوامي مفاد جو ڪم ڪري رهي آهي، 458 ڪينال، 4 مرله ايراضي ڪهڙي مد ۾ ڏني وئي ۽ هاڻي تائين ??ام مفاد ۾ ڇو نه استعمال ڪئي وئي، 180 ملين ??وپيا ٽرسٽ کي مليا آهن، عمران خان سري عام 7 ارب جي ??مين وٺي 190 ملين پائونڊ کي وائيٽ مني ڪري پاڪستان جي ??اريخ جي ??ڀ کان وڏي ڪرپشن ڪئي آهي. هن چيو ته عمران خان کي ڪيترائي نوٽيس جاري ٿيا پر هن ڪنهن جو به جواب نه ڏنو، قدرت جو نظام آهي ته مريم نواز ج?? ٽرسٽ ڊيڊ کي مذاق بڻائيندڙ جي پنهنجي ٽرسٽ ڊيڊ گرفتاري جو سبب بڻجي وئي آهي. هن چيو ته مريم نواز، حمزه شهباز، احد چيما سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي جيلن ۾ رکيو ويو پر انهن جي ??لاف ڪو به ڪيس ثابت نه ٿي سگهيو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ڪجهه جاين ??ي احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ دعويٰ ڪري رهيا آهن ته خبرناهي ڪٿي پهچي چڪا آهن، انهن کي قانون جي ??ائري ۾ آڻڻ ڪا مشڪل ڳالهه ناهي پر اسان بدامني نٿا چاهيون. هن چيو ته شهزاد اڪبر جو مداح آهيان جنهن ٽريپ ڪري پاڻ اربين ??وپيا لُٽي پاڪستان کان ٻاهر ويٺل آهي ۽ عمران خان هتي ڀوڳي رهيو آهي، نيب آرڊيننس جو سيڪشن 9 اربين ??وپين ??ي لُٽ مار تي حرڪت ۾ آيو آهي، هن چيو ته اڄ اربع تي عمران خان کي توشاخانه ڪيس ۾ به عدالت جي ??امهون پيش ڪيو ويندو جتي ان تي فرد جرم لاڳو ٿيندو.هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته نيب جي ??اچ شفاف ٿيندي، هي ڪيس جلد منطقي انجام تائين پهچندو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته طارق بشير چيمه ۽ فيصل واوڊا ان ڪابينا اجلاس ۾ اختلاف ڪيو ۽ چيو ته لفافو کوليو وڃي، سڀ ڪجهه رڪارڊ تي آهي، ان تي پراپرٽي ٽائيڪون سميت عمران خان جي ڪابينا جي ??ڀني ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، هن چيو ته عمران خان سان ڪو به انتقام ناهي، جيڪڏهن انتقام وٺڻو هجي ها ته گهڻو وقت اڳ عمران خان گرفتار ٿي وڃي ها، نيب قانون ۾ پلي بار گين ??هي لُٽيل اربين ??وپيا واپس ڪري ڇڏيو ته عمران خان آزاد ٿي ويندو.