راوالپنڊي- 25 ??ئي (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته جيڪو ڪجهه 09 ??ئي 2023ع تي ٿيو اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ۽ انهن جي وقار کي مجروح ڪندڙن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ نه ئي انهن کي وساري سگهندي ۽ ان عمل کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق يوم تڪريم شهده پاڪستان جي حوالي سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پوليس لائين اسلام آباد جو دورو ڪيو. آرمي چيف اسلام آباد پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏو گڏ پوليس جي شهيدن جي وارثن کي پڻ خطاب ڪيو . آرمي چيف چيو ته اهي شهيد جن کي الله پاڪ حيات جاودان عطا فرمائي سندن قربانين ??ي ڪير به ضايع نٿو ڪري سگهي.پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ??ندڙ ادارا رياست جي علامت ۽ لوهه جي ڀت جيان آهن جيڪي ملڪ ۽ قوم جي وقار خاطر ڪنهن به قرباني کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيبدا. هن چيو ته شهيدن جي وارثن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستاني ع??ام ۽ پاڪ فوج سمورن قانون لاڳو ??ندڙ ادارن جي شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺل آهي ۽ گڏ بيٺل رهندي. پوليس لائين آمد تي چيف آف آرمي اسٽاف جو استقبال آءِ جي پوليس اسلام آباد داڪٽر اڪبر ??اصر خان ڪيو.