ڪراچي – 01 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ سمورن حصيدارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ تعاون کي ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ان??ن جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪندي خصوصي ٻارن جي بح??لي جو ڪم مڪمل ۽ بهتر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ايسوسيئيشن آف ريٽارڊڊ چلڊرن ڪراچي (اي آر سي ڪي) جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت سان گڏوگڏ خيراتي ادارن خصوصي ٻارن جي بحالي، تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ انهن کي م??لي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۽ معاشرتي زندگي ۾ ان??ن جي شموليت جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته 9 سالن کان وڌيڪ عمر جي مختلف معذور ٻارن کي نادرا ۾ خصوصي حيثيت سان رجسٽرڊ ڪري سگهجي ٿو جيڪو حڪومت پاران فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تائين ان??ن جي پهچ کي يقيني بڻائي ٿو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ خصوصي ٻارن ۽ ان??ن جي مخصوص ضرورتن جي حو??لي سان معاشري ۾ آگاهي ۾ اضافو ٿيو آهي پر ملڪ ۾ اهڙن ٻارن جي انگ کي ڏسندي وڌيڪ قد??ن جي ضرورت آهي. صدر پٺتي پيل ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ بح??لي جي مقصد جي لاءِ اي آر سي ڪي جي 50 سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري ڪوششن کي ساراهيو ۽ تنظيم جي عهديدارن تي زور ڏنو ته اهي ان مقصد جي لاءِ ڪم ڪندڙ ٻين تنظيمن سان تعاون کي ف??وغ ڏين ته جيئن ان??ن جي ڪوششن جو فائدو وڌ کان وڌ ٻارن کي پهچي سگهي. ان موقعي تي بيگم ثمينه عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ذريعي خصوصي ٻارن جي بح??لي جي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل انجمنن ۽ تنظي??ن جي تعاون جي ضرورت آهي. اي آر سي ڪي جي وفد صدر کي ايسوسيئيشن جي ڪارڪردگي، ان??ن جي اسڪول ۾ دستياب سهولتن ۽ درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. بعد ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيگم ثمينه عارف علوي سان گڏ ايسوسيئيشن آف ريٽارڊڊ چلڊرن اسڪول ڪراچي جي خصوصي ٻارن جي تيار ڪيل دستڪاري ۽ فن پارن جو پڻ مشاهدو ڪيو ۽ ان??ن جي محنت ۽ فني خوبصورتي کي ساراهيو.