اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت دفاعي پيداوار ڊويزن جي ٻن جاري منصوبن جي لاءِ 2000 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب دفاعي پيداوار ڊويزن جي گوادر ۾ شپ يارڊ جي جوڙجڪ جي لاءِ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جي جاري اس??يم لاءِ 100 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح ڪراچي شپ يارڊ ۽ انجنيئرنگ ورڪس جي ان??را??ٽرڪچر جي اپ گريڊيشن جي اس??يم لاءِ 1900 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن ٻنهي اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 8471.443 ملين رپيا لڳايو ويو آهي جن مان 30 جون 2023ع تائين ٿيندڙ خرچ?? جو ڪاٿو 5809.86 ملين رپيا آهي.