اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خواهشن موجب ريفرنڊم جي ذريعي تڪ??ار جي حل تائين حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بيريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر نگران وزيراعظم کي آز??د ڄمون ۽ ڪشمير اچڻ ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر کي پاڪستان پار??ن ڪشمير جي لاءِ غيرمشروط حمايت جو يقين ڏياريندي چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ اسان انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين، پاڪست??ن ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ڪشميرين جي امنگن موجب ريفرنڊم سان نه ٿو ٿي وڃي.