اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد ??لي جناح کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ ٺاهڻ جي لاءِ سمورون ڌيان تعليم جي فراهمي ۽ غربت جي خاتمي تي ڏيڻو ??ون??و. صدر باباءِ قوم قائداعظم جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان کي قائداعظم جي ويزن موجب هڪ جديد اسلامي ف??اح?? رياست ب??ائ?? جي جو عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته قائداعظم امن، برابري، قانون جي بالادستي، معاشي ۽ سماجي انصاف ۽ اقليتن جي حقن جي وڪالت ڪئي، اڄ جي ڏينهن پوري پاڪستاني قوم ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي عظيم اڳواڻ قائداعظم محمد ??لي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن قائداعظم جي دورانديش ۽ مدبراڻي قيادت ۾ گهٽ عرصي ۾ پاڪستان حاصل ڪيو، قائداعظم ڀرپور انداز ۾ هنڌ جي مسلمانن جو ڪيس وڙهيو ۽ هڪ جدا رياست جو قيام عمل ۾ آندو. ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قائداعظم جي ٻڌايل سنهري اصولن تي عمل ڪرڻو ??ون??و. هن چيو ته قائداعظم جي ويزن موجب ملڪ جي ڪمزور طبقن سميت عورتن ۽ نوجوانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ورسيءَ جي موقعي تي قائداعظم محمد ??لي جناح جي درجن جي بلندي جي پڻ دعا ڪئي.