نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزي?? جليل عباس جيلاني نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”لاس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جي انتظامن“ جي موض??ع تي مشاورتي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري ۽ يو اي اي جي صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ ڪوپ – 28 جي نامزد صدر ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر پڻ شريڪ ٿيا. نگران پرڏيهي وزير ملاقات دوران اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪامياب ڪوپ – 28 جي لاءِ تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. گذريل سال جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين طور تي پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ??رڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. نگران پرڏيهي وزير ڪوپ – 28 ۾ هڪ مضبوط، موثر ۽ وسيلن سان ڀرپور ”لاس اينڊ ڊيميج فنڊ“ کي فعال ??رڻ تي زور ڏنو ۽ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ??رڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي.