اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ??وئ??ٽ هوم معاشري جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي حفاظت، پرورش ۽ تعليم جو ذريعو آهي، پاڪستان ??وئ??ٽ هوم جي ٻارن زندگي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي ثابت ڪيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ??وئ??ٽ هوم جي سرپرست اعليٰ زمرد خ??ن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي زمرد خ??ن جي پاڪستان ??وئ??ٽ هوم جي ٻارن جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته زمرد خ??ن جو اڻٿڪ جذبو ۽ پاڪستان ??وئ??ٽ هوم جي ذريعي يتيمن ۽ ضرورتمند ٻارن جي خدمت قابل رشڪ آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي زمرد خ??ن چيو ته پاڪستان ??وئ??ٽ هوم اڄ پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيو آهي، پاڪستان ??وئ??ٽ هوم جي ٻارن کي جديد تعليم سان گڏوگڏ بهترين تربيت پڻ ڏني پئي وڃي، اميد آهي اهي ٻار مستقبل ۾ ملڪ جي اهم شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا.