اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪرغزستان جي ڪابينا جي چيئرمين عقيل بيڪ جاپاروف جي دعوت تي 26 آڪٽوبر تي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف ??يڊ?? گورنمينٽ جي 22 هين اجلاس ۾ پا??ست??ني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ چين، قزاقستان، ڪرغزستان، رو??، تاج??ست??ن ۽ ازب??ست??ن جا حڪومتي سربراهه، ايران جو نائب صدر ۽ پا??ست??ن ۽ ڀارت جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. ايس سي او ۾ مبصر جو درجو رکندڙ ملڪن بيلاروس ۽ منگوليا سان گڏوگڏ ترڪمانستان خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف ??يڊ?? آف گورنمينٽ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي، اهو ??ني??دي طور تي معيشت، ماليات، واپار ۽ سماجي اقتصادي تعاون جي شعبن تي ڌيان ڏي ٿو. پا??ست??ن 26 آڪٽوبر 2023ع تي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف ??يڊ?? آف گورنمينٽ جي صدارت سنڀاليندو. نگران پرڏيهي وزير اجلاس جي موقعي تي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.