رياض – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ??ياض پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪنگ خالد ايئرپورٽ تي ??ياض جي نائب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق ۽ اعليٰ سعودي ع??لدارن ۽ پاڪستاني سفارتي ??ملي استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم اسلامي تعاون تنظيم جي فلسطين جي تازي صورتحال تي منعقد هنگامي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.