اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان قنڌار جي گورنر ۽ افغ??نس??ان جي ملٽري انٽيلي جنس ۽ اسٽريٽجي جي نائب سربراهه حاجي ملاشيرين جي قي??دت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن بشمول امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ عوام سان عوام جي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير افغ??نس??ان سان مسلسل رابطي ۽ گڏيل فائديمند لاڳاپن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي واپار ۽ رابطن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڳڻتي جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. حاجي ملاشيرين چار ڏهاڪن کان لکين افغانين جي فراخدلاڻي حمايت تي پاڪستان کي ساراهيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطي ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان اڳ حاجي ملاشيرين جي قي??دت ۾ افغان وفد پاڪستان افغ??نس??ان گڏيل رابطا ڪميٽي جي ڇهين اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. جي سي سي اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي مقصد جي لاءِ سرحد پار چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ رابطاڪاري جي طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.