اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ جو معاشي رخ صحيح ڪرڻ جي ??اءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڏکڻ آفريقا سان ٻٽي شهريت جي ??عاهدي جي حوالي سان معاملو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي ??قفي دوران سينيٽر مشتاق احمد ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته انتظامي طور تي رياست پنهنجي صلاحيت موجب ڪم ڪري رهي آهي هاڻي جڏهن ته اس??ن چونڊن طرف وڃي رهيا آهيون ته بنيادي معاملن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جو معاشي رخ صحيح ڪرڻ جي ??اءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جي ??ارن دنيا جي ??ختلف سمنڊن ۽ ص??را??ن ۾ پنهنجون جانيون نه ڏين. هن چيو ته ڪرپشن جو مسئلو اڄ جو نه آهي، قائداعظم 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ جن مسلئن طرف ڌيان ڇڪايو انهن ۾ ڪرپشن به شامل آهي هاڻي جڏهن ته ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن. هن چيو ته عوام ۾ شعور پيدا ڪريون ته انهن پارٽين کي ووٽ ڏيو جيڪي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اسلام آباد ڪلب وٽ قبضي واري ڪا جڳهه آهي ته اهو معاملو نگران وزيراعظم جي ??وٽيس ۾ آندو ويندو. بعد ۾ چيئرمين معاملو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته افغان پناهگيرن جي اسڪولن ۾ مقرر استاد يو ايپ سي آر جا ??لازم هئا، پاڪستان حڪومت جا ??لازم نه هئا، انهن جو انگ 600 کان وڌيڪ آهي، انهن کي مستقل ڪرڻ جو ڪو پروگرام نه آهي. سينيٽر دنيش ڪمار، سينيٽر مشتاق احمد ۽ بهره مند تنگي جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايوان کي ٻڌايو ته 21 ملڪن سان پاڪستان جي ??ٽي شهريت جا ??عاهدا آهن، ڏکڻ آفريقا سان ٻٽي شهريت جي ??عاهدي جي حوالي سان معاملو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو.