اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زي?? مرتضيٰ سولنگي چيو آ??ي ته اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آ??ي، نگران ??زي??اعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سان جعلي هدايتنامو ڦهلائڻ کانپوءِ هاڻي چيف اليڪشن ڪمشنر کي هدف بڻايو پيو وڃي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيئن جيئن اسان چونڊن جي ويجهو وڃي رهيا آهيون، اهڙي طرح جا حربا وڌي رهيا آهن، اڄ نگران ??زي??اعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سان هڪ جعلي هدايتنامو ٺاهيو ويو ۽ ان کي ڦهلايو ويو، هاڻي چيف اليڪشن ڪمشنر کي هدف بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آ??ي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زي?? پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل پڌرائي پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آ??ي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي ۽ تصوير سان جعلي واٽس ايپ اڪائونٽس استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آ??ي، عوام کي گذارش آهي ته اها چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي ۽ تصوير سان ٺاهيل انهن جعلي واٽس ايپ اڪائونٽس ۽ انهن جي ذريعي ڦهلايل جعلي پيغامن ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کان هو??يار رهندي ان کي نظرانداز ڪري.