اسلام آباد-05 فيبروري (اي پي پي) يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت جي انتظام هيٺ شاهراهه دستور تي واڪ جو بندوبست ڪيو ويو. واڪ ۾ سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد ۽ ثقافت واري وزير سميت هر شعبي سان تعلق رکندڙ عوام وڏي انگ ۾ شرڪ?? ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن طرفان والاريل ڪشمير جي شهيدن ۽ غازين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو. واڪ جي شرڪت ڪندڙن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين ۽ غير قانوني قبضي خلاف بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا. شرڪت ڪندڙن طرفان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگرديءَ جي شديد لفظن ۾ مذم?? ڪئي. شرڪت ڪندڙن ريليءَ طرفان ڪشمير بڻجندو پاڪستان جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا لڳايا. والاريل ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.