آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت، عوام جي سطح تي رابطن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي يقين ظاهر ڪيو آهي ته ترجيحي واپاري معاهدي ۽ پاڪستان ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي عملي جامعو پارائڻ سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ ف??وغ ملندو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي وچ ۾ قازقستان ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. و??ير??عظم ۽ ازبڪستان جي صدر پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ازبڪستان خطي جي ملڪن جي لاءِ واپار جي توسيع جي حوالي سان هڪ ٽرانزٽ پوائنٽ آهي. ٻنهي اڳواڻن ان حوالي سان دستياب مختلف آپشنز جي جانچ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪراچي پورٽ کي ترمز سان ڳنڍڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. و??ير??عظم شهباز شريف هڪ خوش??ال وچ ايشيا ۽ وڌندڙ علائقائي رابطن جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ترجيحي واپاري معاهدي ۽ پاڪستان ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي عملي جامعو پارائڻ سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ ف??وغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جيڪو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حصيدار ٿي سگهي ٿو، جي صورت??ال ۽ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان ٻنهي جي گڏيل عزم تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. ازبڪستان– افغانستان– پاڪستان ريلوي منصوبي جي جلد تڪميل تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي.