اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، ن??ريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي، معاشي ??اڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اها ڳالهه هن ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان حڪومت جي معاشي ??دمن سميت مختلف اهم معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ٿي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ??طلاعات واري وفاقي وزير کي اطلاعات واري وزارت سان گڏ ثقافت ۽ قومي ورثي جو اضافي قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ پائيدار ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن، ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ??اڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته معاشي ??اڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. ان موقعي تي ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر پاڪستان حڪومت جي معاشي ??دمن کي ساراهيو.