اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاسڪو جي نجڪاري جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کڻڻ، ڪڻڪ واري بورڊ ۾ آبادگارن، لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان م??جب اها هدايت وز??راعظم پنهنجي صدارت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ پاسڪو بابت اجلاس دوران ڏني. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري و??اقي وز??ر احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري و??اقي وز??ر محمد اورنگزيب، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري و??اقي وز??ر راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وز??ر علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ويٽ (Wheat) ڪڻڪ بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ۽ ڪڻڪ بابت بورڊ ۾ آبادگارن جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي. هن ويٽ بورڊ ۾ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪرڻ ۽ پاسڪو جي نجڪاري جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم حڪم ڏنو ته وفاقي حڪومت جي ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان متبادل حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ان حوالي سان گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي و??ٽ بورڊ جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ٽي او آرز، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار وڌائڻ ۽ پاسڪو ?? سڌارن جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي.