اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ??ما??ات جي پرڏيهي وزير شيخ عب??ال??ه زايد النهيان ۽ دبئي جي ولي عهد شيخ ??مد??ن بن راشد المڪتوم کي نائب وزيراعظم مقرر ٿيڻ تي کين مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ??ما??ات جي پرڏيهي وزير شيخ عب??ال??ه زايد النهيان کي نائب وزيراعظم مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. جڏهن ته وزيراعظم دبئي جي ولي عهد شيخ ??مد??ن بن راشد المڪتوم کي ??ما??ات جو نائب وزيراعظم ۽ دفاع وارو وزير مقرر ٿيڻ تي پڻ دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم انهن مقررين تي مبارڪباد ڏيندي ٻنهي اڳواڻن جي نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستاڻي ل??ڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.