اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ جي روڪٿام جي لاءِ جامع منصوبو جلد تيار ڪر?? جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ روڪڻ جي لاءِ جامع منصوبو ترجيحي بنيادن تي تيار ڪر??و پوندو، ڪراچي کي شهري ٻوڏ کان ??چائڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت پائيدار ۽ ڊگهي مد?? واري حڪمت عملي اختيار ڪري، عالمي معيار موجب نيڪاسي ۽ ٻوڏ واري پاڻي جي موثر انتظام جو نظام ٺاهڻو پوندو. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ ڪراچي کي شهري ٻوڏ کان ??چائڻ جي حوالي سان ??جلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به شريڪ هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪراچي ۾ زمين هيٺ سرنگن جي ذريعي ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ جي فزيبلٽي اسٽڊي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪئي وڃي، ڪراچي ۽ ان ??ي سامونڊي علائقن کي صاف سٿرو بڻائن، دنيا جي ٻين ميٽرو پوليٽن شهرن جي برابر آڻڻ جي ضرورت آهي، سرنگن جي تجويز ڪيل منصوبي جا نمايان ماحولياتي اثر پوندا، سنڌ حڪومت عالمي ڊونرز کان ??رنگن جي تجويز ڪيل منصوبي جي لاءِ ماحولياتي فنانسنگ حاصل ڪر?? تي غور ڪري. هن چيو ته آلوده پاڻي صاف ڪر?? جي نظام جي تعمير سان ??لوچستان کي به زراعت جي لاءِ پاڻي ملندو، صاف پاڻي جي نظام جي تعمير سان ماهيگيري جي شعبي کي به فروغ ملندو، حيدرآباد شهر کي به شهري ٻوڏ ۽ نيڪاسي جا مسئلا درپيش آهن، ترجيحي طور تي حل ڪر?? جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ صدر کي عالمي پاڻي ۽ سيوريج مئنيجمينٽ ماهرن پاران ??امع بريفنگ ڏني وئي. ماهرن ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ ۽ نيڪاسي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون. ماهرن واشنگٽن، لنڊن ۽ سنگاپور جي زمين هيٺ سرنگن جي نيڪاسي جي نظام تي پڻ روشني وڌي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي هائي فلڊ زونز ۾ موجود رستن جي هيٺ ننڍي ۽ وڏي سيوريج سرنگن جو ڄار وڇائي سگهجي ٿو، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل زمين هيٺ سرنگن سان ??وام، ٽريفڪ ۽ زمين جي ملڪيت جي حوالي سان پريشاني نه ٿيندي، ڪراچي ۾ اٽڪل 450 ملين گيلن ڏهاڙي نيڪاسي جو پاڻي پيدا ٿئي ٿو، نيڪاسي ۽ برسات جو پاڻي ننڍي ۽ وڏي کليل نالن ۾ گڏ ٿئي ٿو، نيڪاسي ۽ ٻوڏ وارو پاڻي بنا ٽريٽمينٽ سمنڊ ۾ ڇڏڻ سان ??امونڊي ماحولياتي نظام گدلو ٿئي ٿو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي نالن جي موجوده نيٽ ورڪ جي صلاحيت محدود آهي، نالن جو موجوده ڄار عام حالتن ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو برسات جي پاڻي کي جذب ڪري ٿو، ڪراچي جي سسٽم پاران ??ضافي پاڻي جذب نه ٿيڻ سان ??هري ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اجلاس ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ، سنڌ جي بلديات ??ارو وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، سينيئر سرڪاري آفيسر، مقامي ۽ عالمي پاڻي جي انتظام جا ماهر پڻ شريڪ هئا.