اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو سياسي طر??قيڪار جمهوريت ۾ قابل قبول ناهي، اها پنهنجو طرز عمل تبديل ڪري ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي گهري. اها ڳالهه هن وائيس آف آمريڪا کي ڏنل انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستاني رياست جي مفادن ??ي سڌي ريت حملو ڪ??و آهي، فوج سڌو چيو آهي ته اها سياست کان ڌار رهڻ چاهي ٿي. پي ٽي آءِ جو سياسي طر??قيڪار ڪنهن به جمهوريت ۾ نٿو هلي سگهي. پي ٽي آءِ پنهنجو طرز عمل تبديل ڪري ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي گهري. عمران خ??ن جو سياسي طر??قيڪار تڪرارن سا?? ڀريل آهي. احسن اقبال چيو ته حڪومت ڪو غير جمهوري قدم نه کڻندي، فوج فيصلو ڪ??و آهي ته پاڻ کي سياست کان ڌار رکڻو آهي. احسن اقبال چيو ته ملڪ هن وقت ڪو به تڪرار برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته چين جي حڪومت جو چوڻ آهي ته چيني شهرين تي تازو ٿيل حملي جي نتيجي ۾ پاڪ – چين سهڪار متاثر نه ٿيندو، پاڪست??ن جي ذميواري آهي ته هو چيني شهرين جي حفاظت يقيني بڻائي. هن چيو ته آمريڪا ۽ چين سان سان لاڳاپن ۾ توازن رکڻ ڏکيو نه هوندو.