لاهور-31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس لاهور ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، پارٽي جي نائب صدر حمزه شهباز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پارٽي جا سينئر اڳواڻ ۽ عهديدار به موجو?? هئا. اجلاس ۾ مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن تي مشاورت ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام جي رليف لاءِ وفاقي حڪو??ت جي قدمن تي پارٽي سربراهه کي بريف ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي به پارٽي صدر کي اعتماد ۾ ورتو. هن چيو ته خسارن جوشڪار ادارن کان ڇوٽڪاري ذريعي عوامي رليف لاءِ مالي گ??جائش پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. وزيراعظم چيو ته عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اجلاس ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به پنجاب ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جي قدمن کان پارٽي صدر کي آگاهه ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي پارٽي صدر محمد نواز شريف وفاقي حڪو??ت جي 50 ارب ۽ پنجاب حڪو??ت جي 46 ارب ??وپ??ن جي عوامي رليف کي ساراهيو ۽ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ نهايت محنت، جذبي ۽ ڀرپور صلاحيتن سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن پنجاب جي عوام کي بجلي جي بلن ۾ 14 ??وپ??ا في يونٽ رليف جي فراهمي شروع ٿيڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي شاباش ڏني ۽ چيو ته چاهيان ٿو ته پاڪستان جي هر شهري کي مهانگائي کان جلد رليف ملي، مريم نواز ?? سندس ٽيم شاباش جي حقدار آهي. هن چيو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سموريون سياسي ۽ حڪومتي قيادتن ۽ ادارن کي گڏجي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي خرچن مان ڪٽوتي ۽ بچت سان عوام کي رليف لاءِ وسيلا مهيا ڪن.