اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته زرعي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، مقامي صنعت جي فروغ، نوجوانن کي فني مهارت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان 5 سالن وارو معاشي پل??ن جوڙيو پيو وڃي، متحد ٿي اسان پاڪستان کي جلد پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين ۽ اهو معاشي قوت بڻجندو. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن جي آجيان ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن هن ڪوئيٽا جو دورو ڪيو جتي شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي، انهن کي بلند حوصلي وارو ڏٺو، اتي 26 آگسٽ تي جيڪو ماحول ٺاهيو ويو، ??ن جو مقصد اهو هو ته اهو باور ڪرايو وڃي ته اتي ڪا عليحدگي جي تحريڪ هلي رهي آهي، ان ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو اهو دهشتگردي جي انتها هئي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دوري دوران اتي ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا پاران دهشتگردي ۽ موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ته ڪهڙي طرح دهشتگرد ۽ خارجي عنصر ٻاهرئين مدد سان گڏجي نفرت جا ٻج پوکي رهيا آهن، اتي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي قيادت ۾ سويلين حڪومت بلوچست??ن جي تعمير ۽ ترقي ۽ نوجوانن جي لاءِ بهترين پروگرام کڻي هلي رهي ??هي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، پاڪ فوج دهشتگردن جو پيڇو ڪري رهي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ان سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته دور دوران ليويز کي جديد اوزارن جي فراهمي جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي، انهن کي جديد اوزارن جي فراهمي جي لاءِ صوبائي حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته دوري دوران سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ٿي، اهي سڀ محب وطن ۽ بلوچست??ن جي تعمير ۽ ترقي جا خواهشمند آهن، انهن جي جائز مشورن کي ٻڌو آهي، انهن تي مڪمل عمل ڪنداسين. هن چيو ته دهشتگردن ۽ پاڪستان مخالفن سان ڳالهه ٻولهه جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جڏهن ته جن نوجوانن کي مختلف بيانيي سان گمراهه ڪيو پيو وڃي، انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، بلوچست??ن جي نوجوانن جي لاءِ چائنا ۾ اسڪالرشپس سميت ليپ ٽاپ ۽ ٻين پروگرامن ۾ انهن کي باقي ملڪن جي نوجوانن کان 10 سيڪڙو وڌيڪ ڪوٽا ڏني پئي وڃي، بلوچستان ۾ ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ 55 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سي پيڪ مان بلوچست??ن جا م??ڻهو فائدو کڻي رهيا آهن، چين اس??ن جو آزمايل دوست آهي، چينين جي خلاف دهشتگردي ان دوس??ي ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ سي پيڪ جي ذريعي عوامي ترقي جي رس??ي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي برابر آهي. هن چيو ته بلوچست??ن جي وڏي وزير سان گڏجي وفاقي حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي، پاڪست??ن جي دشمنن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏجي عبرت جو مقام بڻائينداسين، ان کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جو سفر اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. وزيراعظم چيو ته موڊيز پاڪست??ن جي ريٽنگ ۾ بهتري جو اعلان ڪيو جيڪو پاڪست??ن جي معاشي صورتحال جي بهتري جو اعتراف آهي، جڏهن ته اهو ڊگهو سفر ??هي ۽ ان تي عزم سان هلڻو پوندو، پاڪست??ن جي ترقي جي سفر تي حڪومتون ۽ قوم متحد آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت هڪ معاشي پل??ن جوڙيو ??هي جنهن تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو ??هي جيڪو جلد قوم آڏو آڻينداسين، ان 5 سالن واري منصوبي جي هدفن ۾ زرعي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، مقامي صنعت کي فروغ، نوجوانن کي فني مهارت ۽ روزگار جي فراهمي شامل آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي محنت سان اڳتي وڌڻو آهي، مشڪلاتن جو مقابلو عزم سان ڪندڙ قومن جو رستو ڪير نه ٿو روڪي سگهي، محنت ۽ اتحاد سان پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو ۽ معاشي قوت بڻجندو.