اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناالله پارليامان?? وفد سان گڏ پارليامينٽ لاجز ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سرب??اه?? سردار اختر مينگل سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سينيٽر عثمان باديني، اعجاز جکراڻي ۽ خالد مگسي شامل هئا. ملاقات کان پوءِ راڻا ثناالله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سردار اختر مينگل اسان جو ڀاءُ ?? سينئر سياستدان آهي، بلوچستان ۾ سندس پارٽي جي وڏي اهميت آهي. هن چيو ته سردار اختر مينگل جو فيصلو سرپرائيز هو، اڄ اسان ان سان ويهي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، سندس جيڪا به نارا??گي آهي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.