اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي نئين پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سج??د قاضي جي اعزاز ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ڏنل الوداعي آجياڻي کي پنهنجي خطاب ۾ عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري جي قيادت ۽ 34 سالا ڊگ??ي سفارتي ڪيريئر ۾ سندس حصيداري تي ٿورا مڃيندي سندس پيشيواراڻي مهارت ۽ ذهانت کي ساراهيو. هن بطور پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سج??د قاضي جي ڪردار تي روشني وڌي ۽ سندس مهارت کي ساراهيو. هن سائرس سج??د قاضي جي غيرمعمولي مهارتن کي ساراهيو. نئين پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر جي حيثيت سان محمد سائرس سج??د قاضي جي ايندڙ مقرري جي لاءِ کيس ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس شاندار سفارتي ڪيريئر کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.