اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان ع??لم?? ڪانفرنس 25 سيپٽمبر تي وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ ٿيندي. رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير احسن اقبال ??اص مهمان هوندو، جڏهن ته ملڪي ۽ پرڏيهي ماهر خطاب ڪندا. تفصيل موجب ٿنڪ ٽينڪ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽيڊيز (پڪس) بحريه يوني??رس??ي جي گڏيل طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي موضوع تي بحريه يوني??رس??ي ۾ هڪ ڏينهن واري ع??لم?? ڪانفرنس جو بندوبست ڪري رهيو آهي. ان ڪانفرنس جو مقصد دهشتگرد جي خاتمي جي حوالي سان پاڪستان هاڻي تائين ڪاميابين ۽ درپيش مسئلن تي بحث ڪن??ي عمل جوڳيون پاليسيون تجويز ڪرڻ آهي. ڪانفرنس جو افتتاح وفاقي وزير احسن اقبال ڪندو. جڏهن ته پاڪستاني ۽ پرڏيهي نمائندا مقالا پيش ڪندا.