اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ڪراچي ڌماڪي ۾ فوت ٿيل چيني انجنيئرز آءِ پي پيز ??ان ڳالهين ۾ شامل نه هئا. اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ناڻي واري وزارت جي ترجمان ڪراچي ڌماڪي ۾ فوت ٿيل ٻن چيني انجنيئرز جي آءِ پي پيز ??ان سلهاڙيل هجڻ بابت خبرن جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته حڪومت آءِ پي پيز ??ان ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن ۾ اهو پ??انٽ به شامل آهي جنهن تي ٻئي چيني انجنيئر ڪم ڪري رهيا هئا. ترجمان ٻڌايو ته فوت ٿي ويل انجنيئرز آءِ پي پيز ??ان ڳالهين ۾ شامل نه هئا. ترجمان ٻڌايو ته ان حوالي سان ميڊيا رپورٽن ۾ پيدا ڪيل ڪو به تاثر گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد آهي.