اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ??تر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ آپگهاتي ح??لي ۾ پوليس اهلڪارن ۽ معصوم شهرين جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو ته پوليس اهلڪارن تي ح??لو انتهائي بزدل??ڻو قدم آهي. گذريل ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پڌرائي موجب صدر مملڪت آصف علي زرداري پوليس چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي ح??لي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. صدر مملڪت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ هر ممڪن قدمن کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. صدر مملڪت شهيد اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي وارثن لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.