اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري آهي، حڪومت ڊجيٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، سمارٽ فون فار آل پاليسيء?? تي ڪم جاري ??هي. اهڙو اظهار هن ڪالهه قطر ۾ رٿيل ڪانفرنس جنهن جو عنوان ”ڊجيٽلائيزيشن اينڊ وومن ان پوليٽيڪس“ سان وڊيو ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري آهي، ڊجيٽل ڊوائيسز ۽ انٽرنيٽ جي فراهميءَ سان عورتن کي باا??تي??ر بڻائي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ڊجيٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، عورتن جي موبائل فون، آءِ سي ٽي جي استعمال ۾ موجود رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي ??هيا آهيون. هن چيو ته عورتن جي سياست ۾ اچڻ لاءِ سماجي، معاشي رڪاوٽون آهن. ڊجيٽلائزيشن ذريعي عورتن کي باا??تي??ر بڻائي قومي سياسي ڌارا ۾ آڻي ??گهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته عورتن جي ڊجيٽل اڪانومي تائين پهچ لاءِ جينڊر ڊجيٽل ڊوائيڊ پاليسيء?? تي ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم فري ليپ ٽاپ اسڪيم ڊجيٽل ٽولز جي پهچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي ??هي. سمارٽ فون فار آل پاليسي تي ڪم جاري ??هي.