باڪو-21 نومبر (اي پي پي) آذربائيجان ۾ رٿيل عالمي فورم ڪوپ 29 جي پڄاڻي تي مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ترڪيه جي ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽرڪچر واري وزير عبدالقادر يورا لوغلو جي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڳ کان موجود ڀا??راڻي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ واڌ تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي دوستي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ پختي ايندي. هن چيو ته ترڪيه کان پاڪ??تا?? ۾ هر طرح جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. هن ترڪيه جي وزير کي ??اص ڪري پاڪ??تا?? جي مواصلات جي شعبي ۾ جاري رٿائن کان آگاهه ڪيو ۽ ان ۾ ترڪيه کي ??يڙپڪاري جي آڇ ڪئي. وفاقي وزير عبدالعليم خان آذربائيجان جي ڊجيٽل ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپورٽ واري وزير راشد نبي اوف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ خاص ڪري باڪو ۾ رٿيل ڪوپ 29 جي ڪامياب سيشن کي ??اراهيو ويو ۽ آذربائيجان ۽ پاڪ??تا?? وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪندي آئنده لائحه عمل تي غور ويچار ڪيو ويو. وفاقي وزير عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته آذربائيجان ۾ پاڪ??تا??ي ڪميونٽي وڏي انگ ۾ تعليم، روزگار ۽ سياحت سان واڳيل آهي، پاڪ??تا?? آذربائيجان سان مختلف شعبن ۾ جي ٽو جي سرگرمين ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن باڪو ۾ پنهنجي قيام کي ??وشگوار ۽ مثبت قرار ڏنو جنهن ۾ مختلف ملڪن جي وزيرن سان خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو مليو. ترڪيه ۽ آذربائيجان جي ٽرانسپورٽ جي وزيرن ڌار ڌار ملاقاتن ۾ پاڪ??تا?? کان وفاقي وزير عبدالعليم خان جي اڳواڻي ۾ وفد جي شرڪت کي ??اراهيو ۽ کين پنهنجي ملڪن طرفان ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان باڪو آذربائيجان ۾ ڪوپ 29 جي فورم ۾ پاڪ??تا??ي وفد جي اڳواڻي ڪندي ٽرانسپورٽ سيشن ۽ ڊجيٽل مڊل ڪوريڊور اينڊ بيانڊ ۾ شرڪت ڪئي ۽ بين لوزارتي رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ۾ پاڪ??تا?? جي نمائندگي ڪئي ۽ ان جي آذربائيجان جي توانائي واري وزير ميڪائيل جيبا روف سان پڻ ملاقات ٿي، جڏهن ته مجموعي طور تي ان دوري ۾ پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري ۽ مواصلات واري شعبي جي حوالي سان اهم رٿائن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.